پاٻوڙو پٻڻ جو پن

پاٻوڙو پٻڻ جو پن

پاٻوڙو پٻڻ جو پن

پاٻوڙو/ پٻڻ جو پن: پٻڻ جي پَن کي پاٻوڙو چوندا آهن. هي پن ول جي ڇيڙي ۾ ٿالهيءَ جيڏا ڏانڊيءَ جي ڇيڙي ۾ ٿيندا آهن. هن جي ڏانڊيءَ کي ترو يا ڳنڍ چوندا آهن. تري جي چوٽيءَ ۾ هڪ وڏو پن ٿيندو آهي، جيڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ترندو رهندو آهي. جتي پٻڻ پوکيل هوندي آهي، اتي جو پاڻي پٻڻ جي پنن سان ڍڪيل هوندو آهي. پنن جي وچ ۾ پٻڻ جا گل سهڻا لڳندا آهن، جن کي ڪنوَل جا گُل چئبو آهي. حقيقت ۾ پٻڻ هڪ آبي ٻوٽو آهي، جنهن جي پن کي پاٻوڙو، گل کي ڪنول ۽ پاڙ/ ڳنڍ کي بِهَه چوندا آهن. پاٻوڙو گول شڪل جو هوندو آهي، جنهن جو قطر ڏيڍ فٽ کن ٿيندو آهي. هڪ تري ۾ رڳو هڪ پاٻوڙو ٿيندو آهي ۽ پٻڻ جي ٽڪيءَ واري ڏانڊي جدا هوندي آهي. بهَه ڀاڄيءَ طور رڌي يا ڀُڃي کائبو آهي. پٻڻ جي ٽڪي يا ’ڏاجون‘ ڦل طور کائبي آهي. ٽڪي ڪچي کائبي آهي، پر پڪيءَ جا ڏوڏا ڪڍي ٻج طور رکبا آهن. پٻڻ جو ڪُم به ميوي طور کائبو آهي. ’پاٻوڙو‘ لفظ شاهه لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪتب آندو آهي. مثال طور:گُـندَ جنيـن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ، اُنيـن جي اوطاق، راجا ريجهي آئيـو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو